ٽنڊو ٺوڙهو

ٽنڊو ٺوڙهو: نواب محمد خان ٺوڙهو، نواب فتح خان جو فرزند هو. هي مير مراد علي خان جي خاص اميرن مان هڪ هو ۽ هميشه خان کوکر'>بهادر خان کوکر سان گڏ مير صاحب وٽ دربار ۾ حاضر رهندو هو. تنهن کان سواءِ هو مير صاحب جي خانگي ڪمن جو مختارڪار هو. ٽنڊو ٺوڙهو سندس نالي تي ٻڌل آهي. ”تاريخ تازه نواي معارڪ“ جو مصنف لکي ٿو ته، ”محمد خان ٺوڙهي جي چال سان ٽالپرن جو پاسو هلڪو ٿي پيو، محمد خان ٺوڙهو انگريزن سان معاهدو ڪري مير شير محمد خان جي فوج ۾ شامل ٿيو ۽ جڏهن دٻي جي جنگ پوري عروج تي آئي، تڏهن اچانڪ محمد خان وجهه وٺي مير شير محمد جي بارودخاني ۾ باهه لڳائي، جنهن کان پوءِ اهو پاڻ، خان محمد ۽ غلام محمد لغاري ڦليلي واهه جي تري مان ڀڄي نڪري ويا ۽ مير شير محمد پنهنجن جي غداريءَ سبب دٻي جي جنگ هارائي ويو. ٽنڊي ٺوڙهي ۾ نواب محمد خان ٺوڙهو ته آباد نه ٿي سگهيو، پر ان کي ٻيهر آباد ڪرڻ وارو ميرن جو وفادار مرزا خسرو بيت (مرزا قليچ بيگ جو نانو) هو. اڄ به ٽنڊي ٺوڙهي ۾ مرزا خسرو بيگ جو اولاد ۽ مرزا قليچ بيگ جو اولاد آباد آهي. ٽنڊي ٺوڙهي ۾ مرزا خسرو جي نگرانيءَ ۾ ٽالپرن جي ديرن پڻ ڪجهه عرصو رهائش اختيار ڪئي. ٽنڊي ٺوڙهي مان نڪري نواب محمد خان ٺوڙهي وڃي فقير جي پڙ واري چاڙهيءَ تي رهائش اختيار ڪئي، جنهن کان پوءِ اها چاڙهي ”ٺوڙهي چاڙهي“ جي نالي سان مشهور ٿي.
ماستر شجان سانوڻائي پنهنجي ڪتاب ”گنج“ ۾ لکي ٿو ته، ”ٺوڙهن جو ڏاڏو ڄام جيئندو هو ۽ تاجپور جا لغاري نواب ۽ ٺوڙها پاڻ ۾ مائٽ هئا. نواب محمد خان جي چاچي خير محمد خان ۽ نواب ولي محمد خان لغاريءَ جون مائرون پاڻ ۾ ڀينرون هيون، ان کان سواءِ ڄام جيئندي جي ڏهٽي، لغارين جي ڏاڏي ڄام منگهن جي گهر واري هئي. نواب محمد خان ٺوڙهي جي سؤٽ نواب دوست علي جي گهر واري نواب ولي محمد خان لغاريءَ جي نياڻي هئي. نواب محمد خان ٺوڙهو، الله بخش خان جو پٽ هو. انهن ٻنهي گهراڻي جا فرد تاجپور ۾ آباد آهن.“


لفظ ٽنڊو ٺوڙهوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو